ن ليگ جي وڌيڪ پنج اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون جمع

ن ليگ جي وڌيڪ پنج اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي وڌيڪ 5 اسيمبلي ميمبرن پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.وهاڙي مان مسلم ليگ(ن) جي 4 ميمبرن ۽ گوجرانوالا مان هڪ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. اين اي 163 وهاڙي کان اسيمبلي ميمبر سيد ساجد مهدي، پ پ 229 مان محمد يوسف ڪسيليه، پ پ 230 مان سردار خالد محمود ڊوگر ۽ پ پ 232 مان ميان ثاقب خورشيد به استعيفيٰ پارٽي قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. گوجرانواله مان(ن) ليگ جي ايم پي اي چوڌري اقبال گجر به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت کي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. اقبال گجر پنهنجي استعيفيٰ ۾  لکيو آهي ته  ملڪ مشڪل حالتن ۾ آهي ۽ زندگي جي ضرورت واريون شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهن. سليڪٽيڊ حڪومت کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت کي پيش ڪري رهيو آهيان.چوڌري اقبال گجر جي استعيفيٰ خاص اهميت جوڳي آهي ڇو ته چوڌري اقبال گجر جو پٽ احسن جميل گجر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جو نڳو ڀاءُ ۽ ڌيءَ خاتول اول جي سٺي دوست آهي. موجوده حڪومت واري دور ۾ چوڌري اقبال گجر مٿان حڪومتي نوازشون تمام گهڻيون رهيون آهن. ڪڏهن ان جي پيٽرول اسٽيشن کي بچائڻ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي تبديل ڪرڻ جا الزام سامهون آيا ته وري  ڪڏهن تحريڪ انصاف جا پنهنجا اڳواڻ ئي  گوجرانوالا مان اقبال گجر جو قبضو ڇڏائڻ جي فرياد ڪندي نظر آيا.حڪومت جي دعويٰ آهي ته_(ن) ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جو هڪ وڏو انگ استعيفائن تي پنهنجي قيادت سان گڏ ناهي پر چوڌري اقبال گجر جهڙي ايم پي اي جي استعيفيٰ اهڙن دعوائن جي نفي ڪري رهي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به مسلم ليگ(ن) جا ڪيترائي اسيمبلي ميمبر پنهنجون استعيفائون پارٽي اڳواڻن ڏانهن اماڻي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو