ن ليگ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون جمع آهن،رانا ثناءُالله

ن ليگ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون جمع آهن،رانا ثناءُالله

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته پارٽي جي سمورن پارليامينٽ ميمبرن پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. رانا ثناءُالله لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته  صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن پارٽي اڳواڻن جي فيصلي تي لبيڪ چيو. پرڏيهه ملڪ ۾ رهندڙ يا بيمار ميمبرن به پنهنجون استعيفائون  اماڻي ڇڏيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي آئنده جي حڪمت عملي جي حوالي سان جاتي عمره يا ماڊل ٽائون ۾ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي گهرايو ويندو.واضح رهي ته حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد(پي ڊي ايم) اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم اعلان ڪيو آهي ته اپوزيشن جي استعيفائن جي صورت ۾ ضمني  اليڪشن ڪرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو