پنجاب ۾ مختلف معاملن ۾ پي پي کي اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري

پنجاب ۾ مختلف معاملن ۾ پي پي کي اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پ پ وچ ۾مختلف رابطن تي اتفاق راهه لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي بابت اجلاس گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيو، ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ ملڪ جي استحڪام لاءِ گڏجي هلڻ ۽ آئينده به رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت اسحاق ڊار ۽ راجا پرويز اشرف گڏيل طور ڪئي، اجلاس ۾ اعظم نذير تارڙ، رانا ثناالله خان، ملڪ احمد محمد خان، سيد حسن مرتضيٰ ، سردار سليم حيدر، علي حيدر گيلاني ۽ نديم افصل چن وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ حڪومتي اتحاد جي لکت معاهدي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ معاهدي جي رهيل نقطن تي مرحليوار عملدر آمد تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڪجهه نقطن تي ترت عمل ڪرڻ ۽ باقي ٻين نقطن تي ٽائم فريم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾طئي ٿيو ته حڪومت قانون سازي، بجيٽ ۽ پاليسين تي پيپلزپارٽي کي اڳواڻ اعتماد ۾ وٺندي، اجلاس ۾ پنجا ب ۾ پيپلزپارتي جي ميمبرن تي ن ليگ جي ميمبرن جي برابر ترقياتي فنڊن ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ اجلاس جي رپورٽ اڳواڻ کي پيش ڪندا، پ پ جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سٺي نموني ڳالهه ٻولهه ۽ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، اهو درست ناهي ته پيپلزپارٽي اقتدار ۾ حصو گهري رهي آهي، اسان اتحادي حڪومت کي اڳتي کڻي هلڻ چاهيون ٿا، هن چيوته اسان جو فوڪس مهانگائي ۽ لاقانونيت کي گهٽ ڪرڻ آهي، هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي،جيڪا مسئلا ڏسندي، اهڙو تاثر درست ناهي ته اسان حڪومت کي ڪوئي ٽف ٽائم ڏيڻ چاهيون ٿا، سب ڪميٽي هڪ هفتي ۾ پنهنجون سفارشون ڏيندي، ٻنهي طرفن کان سياسي بيان بيازي نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو