اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻن ان سال عام چونڊن جو اشارو ڏنو. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ شهر ۾ وڏو جلسو ڪندي.وفاقي ڪابينا جي تشڪيل بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا ٺاهي ويندي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هو به چاهين ٿا ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن پر عمران خان جي ناقص ڪارڪردگيءَ جو بار کڻندي اليڪشن ۾ وڃڻ بيوقوفي هوندي، بهتر هوندو ته جلد اليڪشن ۾ وڃان.مسلم ليگ ن جي خرم دستگير چيو ته معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي جي صورتحال بهتر ٿي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ٻي صورت ۾ نومبر يا ڊسمبر ۾ چونڊون ڪرايون وينديون.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










