ن ليگ اڄ جيڪو فصل پوکي پئي، سڀاڻ لڻندي: شيخ رشيد

ن ليگ اڄ جيڪو فصل پوکي پئي، سڀاڻ لڻندي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ن ليگ اڄ جيڪو فصل پوکي رهي آهي اهو سڀاڻي پاڻ لڻيندا.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سياسي پارٽي شگر فيڪٽري ناهي، اها عوام جي دلين ۾ هوندي آهي.هن چيو ته هو يوم تڪبير تي ايٽمي ڌماڪن جو ڪريڊٽ راجا ظفرالحق، گوهر ايوب ۽ پاڻ کي ڏين ٿا، باقي ڪابينا نواز شريف سميت ڌماڪن جي خلاف هئي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جيئڻ ۽ مرڻ وارن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا پيا وڃن، پرڏيهه ۾ ملڪيتون ۽ سزا مليل ڏوهارين جي ٻارن کي سفارتي پاسپورٽ ڏنا ويا آهن.عوامي مسلم ليگ سربراهه چيو ته جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندا آهن ته پرائيويٽ جهازن ۾ ڀڄندا آهن، انهن کي اي سي ايل ۾ وجهڻ گهرجي، 13 پارٽين جا اڳواڻ نيلامي ۾ آهن، عوام پريشاني ۾ آهي.هنن چيو ته 9 مئي جي واقعي جي غير جانبدارانه جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪو به ملوث آهي ان کي سخت سزا ڏني وڃي، پوليس ڪنهن جي چوڻ تي سمهي، اهو سڀ کان اهم سواليه نشان آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.اڳوڻي وفاقي وزير جو اهو به چوڻ هو ته ڪو به محب وطن پاڪستاني پنهنجي فوج خلاف نٿو بيهي سگهي، ڪو به محب وطن پي ٽي ايم جي چورن سان گڏ بيهي به نٿو سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو