شڪر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ)پاڪستان عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور چيو آهي ته مسلم ليگ ن امپائر خريد ڪرڻ کانسواءِ گرائونڊ ۾ نه ايندي.شڪر ڳڙهه ۾ خرم نواز گنڊاپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي ايم گروپ مفادن لاءِ گڏ ٿيو آهي، ان جو قانون ۽ انصاف سان ڪو به تعلق ناهي.هن چيو ته جڏهن ڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو ته آئين جي حق ۾ وينداسين، نگران حڪومت جو مدو 90 ڏينهن جو هوندو آهي جيڪو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو آهي.خرم نواز گنڊاپور وڌيڪ چيو ته حڪمران آڪٽوبر ۾ چيف جسٽس ۽ صدر جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ناگزير آهي، ان جي ڪا به گنجائش ناهي.










