اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ معاشي ماهرن جا انٽرويو راولپنڊي اسلام آباد ۾ ٿي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 31 مئي کان اڳ فيصلا ڪيا ويندا، شهباز وٽ هڪ ووٽ جي اڪثريت آهي ان کي برقرار نٿو رکي سگهجي.هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اي اين ايف ٻڌڻي جي پيروي نه ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن شيخ رشيد چيو ته هو جيتري دير ڪندا اوترو پنهنجي لاءِ سياسي قبر کوٽيندا، بهتر آهي ته لانگ مارچ کان اڳ اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏين.










