نيگليريا عورت سميت وڌيڪ ٻن ڄڻن کان حياتي کسي ورتي

نيگليريا عورت سميت وڌيڪ ٻن ڄڻن کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ هفتي اندر نيگليريا عورت سميت وڌيڪ ٻن ڄڻن کان حياتي کسي ورتي ڪراچي ۾ دماغ کي کائي ويندڙ اميبا نيگليريا وڌيڪ ٻه حياتيون ڳڙڪائي ورتيون فوتين ۾ هڪ عورت شامل آهي سنڌ جي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر مطابق هڪ هفتي ۾ وڌيڪ به ڄڻا نيگليريا سبب لاڏاڻو ڪري ويا فوتين ۾ قيوم آباد جي 32 ورهين جي گلشن بيگم ۽ سرجاني ٽائون جو 45 ورهين جو آصف شامل آهي ڊاڪٽر عبدالحميد جماڻي مطابق ڪراچي ۾ هلندڙ سال نيگليريا سان ٻه ڄڻا فوت ٿيا آهن جڏهن ته شهر ۾ گذريل سال نيگلريا وگهي 5 ڄڻا فوت ٿيا هئا سنڌ ۾ 2011 ۾ نيگليريا سبب هڪ، 2012 ۾ 9، 2013 ۾ 3، 2014 ۾ 14، 2015 ۾ 12، 2016 ۾ 6، 2017 ۾ 6، 2018 ۾ 7، 2019 ۾ 15، 2020 ۾ 8، 2021 ۾ 7، 2022 ۾ هن وقت تائين 5 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ نيگليريا جو مرض ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين 90 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن جن مان 86 فوتين جو تعلق ڪراچي سان هو. طبي ماهرن مطابق نيگليريا کي برين ايٽنگ اميبا يعني دماغ کائيندر جراثيم به چون ٿا ۽ ان جوشڪار ٿيندڙ 98 سيڪڙو ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو