نيپرا هڪ دفعو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

نيپرا هڪ دفعو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) في يونٽ بجلي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن.نيپرا فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي تحت بجلي 46 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي، بجلي هلندڙ مالي سال جي ٻئين ٽماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي.نيپرا پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي صارفين کي 3 مهينن دوران اضافي ادائيگيون ڪرڻيون پونديون. بجلي صارفين کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ واڌو وصوليون ڪيون وينديون.پڌرائي موجب بجلي مهانگي ٿيڻ سان صارفين تي 15 ارب 45 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو، اضافي وصوليون ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين مٿان لاڳو نه هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو