نيپال ۾ زلزلي سان بنيادي ڍانچي کي نقصان ، 6 ڄڻا مارجي ويا

نيپال ۾ زلزلي سان بنيادي ڍانچي کي نقصان ، 6 ڄڻا مارجي ويا

کٽمندو(ويب ڊيسڪ)نيپال ۾ زلزلي سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيپال جي زلزلي مرڪز طرفان ٻڌايو ويو آهي ته نيپال جي اوڀر واري علائقي ۾ 6.6 شدت جو زلزلو آيو، جنهن کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي.ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي سبب انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته گهر ڊهي پوڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.يورپي زلزلي مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز ڀارتي رياست اتر پرديش کان 158 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو ۽ ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر زير زمين هئي.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۽ ان جي آس پاس ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو