نيپال۾ گم ٿيل جهاز جو ملبو ملي ويو، 14 لاش هٿ

نيپال۾ گم ٿيل جهاز جو ملبو ملي ويو، 14 لاش هٿ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)نيپال ۾ گذريل ڏينهن گم ٿيل جهاز جو ملبو 14 ڄڻن جا لاش مليا هئا.آمريڪي خابرو اداري موجب نيپال جي سرچ ٽيمن ۽ ريسڪيو اهلڪارن آچر تي گم ٿيل جهاز جي ملبي واري هنڌ جي نشاندهي ڪئي آهي جتي جهاز جو ملبو هڪ جبل تي مليو آهي.فوجي اهلڪار پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ملبي جون تصويرون پوسٽ ڪيون جنهن ۾ ظاهر ڪيو ويو ته جهاز جبل سان ٽڪرائجي ويو آهي جڏهن ته جهاز جي پرن تي سائي رنگ ۾ 9 اين اي اي ٽي نمبر لکيل هو. فوجي اهلڪار برگيڊيئر نارائن سالوال چيو ته جهاز مستنگ ضلعي جي جبل واري علائقي جوم سوم ۾ ڪري تباهه ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو