نيٽ فلڪس تي وائرل ٿيل ويڊيو سان تعقلق ناهي:مصدق

نيٽ فلڪس تي وائرل ٿيل ويڊيو سان تعقلق ناهي:مصدق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته نيٽ فلڪس جي نالي سان واٽس اپ تي وڊيو هلي رهي آهي، نيٽ فلڪس چيو آهي ته اسان جو ان سان ڪو به تعلق ناهي.اسلام آباد ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سندس تعلق ڪنهن سان آهي؟ ڳجهي فنڊنگ ساڳين شين ۽ ساڳين منصوبن لاءِ استعمال ٿيندي آهي.مصدق ملڪ چيو آهي ته 30 لک رپين جي وڊيو ڪلپ ٺاهي وئي، پي ٽي آءِ لاتعلقي ڏيکاري ته ڊيوڊ فينٽن کي نوڪري نه ڏني.هن وڌيڪ چيو ته جنهن مارچ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اهو ڪنهن جي خلاف آهي؟ هي مارچ رياست ۽ ادارن خلاف اچي رهيا آهن، توهان جي پنهنجي پارٽي جا ماڻهو ادارن خلاف مارچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.اڳوڻي حڪومت بابت مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته هنن 2 ۽ 4 ڊالرن جي ايل اين جي خريد نه ڪئي، اڄ اها قيمت 40 ڊالر آهي، جنوري ۽ فيبروري ۾ ايل اين جي جو هڪ ڪارگو اضافي هوندو، ايل پي جي سلينڊر فراهم ڪندو.مصدق ملڪ چيو ته سياري لاءِ ايل اين جي جو اضافي سامان خريد ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، وزيراعظم شهباز شريف جلد توانائي جي شعبي ۾ خود ڪفالت جو اعلان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو