نيو ڪراچي، فيڪٽرين  ۾ باهه جا واقعا، 4 ريسڪيو اهلڪار فوت

نيو ڪراچي، فيڪٽرين ۾ باهه جا واقعا، 4 ريسڪيو اهلڪار فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ 2 فيڪٽرين کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي عمارتن کي باهه لڳي وئي، 4 ريسڪيو اهلڪار ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا.پوليس موجب نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪالهه 2 فيڪٽرين ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب عمارتون ڪمزور ٿي ويون، اربع ۽ خميس جي وچ واري رات لڳاتار ڪولنگ ڪرڻ سبب ٻئي عمارتون ڪري پيون.باهه سبب متاثر هڪ فيڪٽري ٽوال ۽ ٻيو اسپيئر پارٽس جي هئي، واقعي ۾ 4 ريسڪيو اهلڪار فوت ۽ 11 فائر فائٽرز سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو عملدارن موجب ملبي هيٺان دٻيل چئن ريسڪيو اهلڪارن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، فوتين جي سڃاڻپ محسن، افضل، سهيل ۽ خالد شهزاد جي نالن سان ٿي آهي.ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل تعلقه سليم به موقعي تي موجود آهي.ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري فيڪٽري کولڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان سان رابطو ڪيو.ترجمان موجب گورنر سنڌ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڪراچي ۾ فائر برگيڊ سسٽم 10 سيڪڙو کان به گهٽ هلندڙ هجڻ جو انڪشاف
انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ فائر برگيڊ جو نظام 10 سيڪڙو کان به گهٽ هلندڙ آهي.ڪراچي ۾ تباهه ٿيل فائر برگيڊ جا تفصيل حاصل ڪري ورتا ويا. عالمي معيار موجب هڪ لک آبادي لاءِ هڪ ماڊل فائر اسٽيشن ۽ 4 گاڏيون گهربل آهن.فائر برگيڊ عملدارن موجب ڪراچي کي گهٽ ۾ گهٽ 200 فائر اسٽيشنن جي ضرورت آهي پر ڪراچي ۾ 21 فائر اسٽيشنون آهن ۽ انهن مان اڪثر ۾ ڊرائيور ۽ ٻيو عملو ناهي.اهڙي طرح ڪراچي ۾ فائر برگيڊ گاڏين جو انگ 800 هجڻ گهرجي پر اتي رڳو 62 گاڏيون آهن.فائر برگيڊ اختيارين موجب ڪراچي فائر برگيڊ جون 38 گاڏيون ڪيترن ئي سالن کان خراب آهن جن جي مرمت نه ٿي آهي ۽ 130 فائر ٽينڊرز جي ڊرائيورن جون پوسٽون خالي پيل آهن.فائر برگيڊ اختيارين موجب جيڪڏهن فائر برگيڊ وٽ عملو نه هجي ته هڪ ئي وقت ٻه اسنارڪل به استعمال نٿا ڪري سگهجن.ڪي ايم سي عملدارن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون 52 گاڏيون فراهم ڪيون، جن مان 26 فائر ٽينڊر ڪي ايم سي ۽ باقي ٻين ادارن کي ڏنا ويا.
وڏي وزير جو فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس،رپورٽ طلب
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو نيو ڪراچي فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس ورتو سنڌ جي وڏي وزير عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 4 فائر فائٽرز جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي سنڌ جي وڏي وزير زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته اهو اسان جي فائر فائٽرن جو آهي ته هن ڪارخاني کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان وڃائي ڏئي ڇڏي،فائر فائيٽر اسان جا هيرو آهن،وڏي وزير سنڌ جي ليبر کاتي کان واقعي جي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،ٻڌايو وڃي ته باهه جو اصل سبب ڇا هو ،آخر ڪهڙو سبب هو جو باهه صحيح طرح نه لڪائي سگهي فيڪٽري جو معائنو ڪڏهن ٿيو ۽ رپورٽ ڪهڙي هئي، سنڌ جي وڏي وزير فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو،

پهنجو تبصرو موڪليو