ڪراچي(پ ر)ڪراچي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تعمير ٿيندڙ اهم ۽ ڊگهي مدي وارو منصوبو نيو حب ڪينال مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيو ويو آهي. هي منصوبو شهر لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي ۽ تاريخي سنگ ميل آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ٻاويهه سالن بعد ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جو پهريون وڏو منصوبو آهي. افتتاح کان اڳ ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضیٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ ماهرن سان گڏ نيو حب ڪينال جو دورو ڪيو ۽ مختلف سيڪشنز جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي واٽر ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار، ڪنسلٽنٽس ۽ منصوبو تي ڪم ڪندڙ انجنيئرنگ ٽيم پڻ موجود هئي. معائني کان پوءِ ماهرن منصوبي کي مڪمل فعال ۽ محفوظ قرار ڏنو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيو حب ڪينال بابت سوشيل ميڊيا تي ڦهلايل غير تصديق ٿيل وڊيوز ۽ تصويرن کي سختي سان رد ڪيو ۽ انهن کي من گهڙت ۽ گمراھ ڪندڙ قرار ڏنو. هن چيو تہ افسوس جي ڳالھ آهي تہ بغير ڪنهن تصديق جي خبرون ٺاهيون وڃن ٿيون. ميئر ڪراچي وضاحت ڪندي چيو تہ جيڪي وڊيوز سوشيل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن اهي حقيقت ۾ واٽر ڪارپوريشن طرفان منصوبي جي مختلف مرحلن جي دستاويزي رڪارڊنگ لاءِ تيار ڪيون ويون هيون. هن چيو تہ جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ ڪا خرابي هجي ها تہ ڇا ادارو پاڻ ان جون وڊيوز تيار ڪري ها؟ ميئر ڪراچي چيو تہ حب ڪينال جو ڪم معياري آهي، وڊيو پراڻي آهي ۽ واٽر ڪارپوريشن جي پنهنجي تيار ڪيل آهي. هن وڌيڪ چيو تہ افتتاح کان اڳ ٽيسٽنگ جو عمل هر منصوبي جو لازمي حصو هوندو آهي تہ جيئن ڪنهن بہ ممڪن خرابي کي ختم ڪري ڪم کي حتمي شڪل ڏني وڃي. ھن وڌيڪ وضاحت ڪئي تہ اسين ٻہ ٻہ ڪلوميٽرن جا سيڪشن ٺاهي مرحليوار ٽيسٽنگ ڪندا آهيون. پاڻي جو پنهنجو فلو هوندو آهي ۽ ڪنڪريٽ جي ڪم ۾ مسئلا فني طريقي سان حل ڪيا وڃن ٿا. مرتضیٰ وهاب خاطري ڪرائي ته ٽيسٽنگ جو عمل جاري آهي ۽ اسين سڀاڻي بہ ٽيسٽنگ ڪنداسين. ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ نئين حب ڪينال جو 13 آگسٽ تي ھر صورت ۾ افتتاح ڪيو ويندو. ٻئي طرف پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽ وضاحت ڪندي چيو آهي تہ وائرل ٿيل وڊيو تقريباً 25 ڏينهن پراڻي آهي ۽ ان جو موجوده صورتحال سان ڪو بہ واسطو ناهي. اختيارين جي مطابق پراڻي ڪينال ۾ ٽن شگافن کي ڄاڻي ٻجهي تجرباتي طور پاڻي ڇڏڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو تہ جيئن نظام جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي. ان کان علاوه، پهرين آگسٽ تي بہ منصوبي تحت پاڻي ڇڏيو ويو هو جيڪو مڪمل طور ڪامياب رهيو. ڊاڪٽر رافع صديقي چيو تہ نيو حب ڪينال منصوبو ڪراچي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ شهرين کي جلدي ان جا فائدا ملڻ شروع ٿي ويندا. هن شهرين کي اپيل ڪئي تہ اهي افواهن تي ڌيان نہ ڏين ۽ شهر جي ترقي ۾ اداري سان ڀرپور تعاون ڪن.










