اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ بابت اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نيو گوادر ايئرپورٽ پاڪ چين دوستي جي نمايان مثال آهي، جديد سهوليتن تي ٻڌل ايئرپورٽ تعمير ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته گوادر کان مسقط لاءِ اڏامن جي شروعات 10 جنوري 2025 کان شروع ٿي ويندي. جڏهن ته پي آءِ اي جو ڪراچي گوادر موجود فلائٽ آپريشن تمام جلد هفتي ۾ 3 ڏينهن ڪيو ويندو.وزيراعظم چيو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي فعال ٿيڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي، ايئرپورٽ جي فعال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ کي مصروف بنائڻ جي لاءِ قابل عمل حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي.هن چيو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن جي وچ ۾ رابطو، روڊن جو نظام بهتر بنائڻ ۽ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.اجلاس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آپريشنلائزيشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ رقبي جي حوالي سان ملڪ جو سڀني کان وڏو هوائي اڏو آهي، گوادر ايئرپورٽ اي 380 هوائي جهازن کي هينڊل ڪري سگهي ٿو. گوادر ايئرپورٽ کان 40 لک مسافر ساليانو سفر ڪري سگهندا.










