نيوي جي هائوسنگ اسڪيم لاءِ 200 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا پاڪ نيوي جي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اسڪيم لاءِ 200 ايڪڙ سرڪاري زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران سنڌ ڪابينا ڪياماڙي جي ديهه لعل بکر جي 200 ايڪڙ زمين پاڪستان نيوي لاءِ ڏيڻ جي منظوري ڏني، ذڪر ڪيل زمين تي پاڪستان نيول ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رهائشي اسڪيم ٺهندي. ياد رهي ته اڳ ۾ سنڌ ڪابينا مخالفت ڪئي هئي پر نامعلوم سببن جي ڪري اڄ اوچتو ان جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو