ڪنب (صفدرچانڊيو) مشهور نيورو سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار علي منگي پراسرار نموني پنهنجي ئي گهر ۾ فوت ٿي ويو. گهرڀاتين موجب ڊاڪٽر روٽين مطابق پنهنجي ڪمري ۾ ستل هو اڪثر دوستن سان رات جي وقت انٽرنيٽ تي رابطو به ڪندو هو اڄ جڏهن صبح ڪلينڪ ٽائيم تي نه اٿيو ته ڊسپينسر کين جاڳائڻ آيو پر هو مئل حالت ۾ مليو ڪنب جي ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو جن پڻ ڊاڪٽر جي مرڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن ڊاڪٽر جي وارثن سندس چاچي رحمت الله منگي، رضوان علي منگي ۽ ٻين خدشو ڏيکاريندي چيو آھي ته ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽر کي ڪنهن قتل ڪيو هجي يا قتل ڪرايو ويو هجي. ٻئي پاسي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان معاملي جي چڱي نموني جاچ ڪري رهيا آھيون ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان اڳ وڌيڪ ڪجھ نٿا ٻڌائي سگهون جڏھن ته مرحوم جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي نيو ويو آھي.










