نينگر کي مبينه حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار گرفتار

نينگر کي مبينه حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار گرفتار

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) صالح پور محلي واسي 7 سالن جي نينگر محمد رمضان پٽ نظير چانڊيوکي مبينه حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار ماجد مڱڻھار کي وڳڻ پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جوابدار نينگر کي وڳڻ شھر مان شيءِ وٺي ڏيڻ جو بهانو بڻائي يارودير جي قبرستان وٽ حوس جو نشانو بڻائي موقعي تان فرار ٿي ويو هو. جنهن کان پوءِ نينگر جي پيءَ نظير چانڊيو جي فرياد تي جوابدار مٿان وڳڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ھوڏانھن  رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ ذوالفقار علي جتوئي ٻڌايو ته اطلاع تي پوليس نينگر کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي جنسي حوس جو نشانو بڻجندڙ نينگر پڻ بيان ڏنو آهي جنهن تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ قانون مطابق متاثر نينگر جي وارثن سان سھڪار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو