نينگر جي قاتلن جي ايم پي اي سرپرستي پيو ڪري،احتجاج

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) حيدرآباد جي  يونين ڪائونسل عالماڻي جي ڳوٺ جي سونو خان لاشاري ۾ 11مهينا اڳ ۾ بيدردي سان قتل ٿيل 20 ورهين جي نوجوان وقار علي لاشاري جا مک قاتل گرفتار ٿي نه سگهيا. مقتول نينگر جي پيرسن والد محمد حسين لاشاري  جي  اڳواڻي ۾ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي  ٻڌايو ته سندس پٽ وقار لاشاري  جا قاتل سرعام آزاد گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي ٻيهر جان کان مارڻ توڙي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هنن الزام هڻندي ٻڌايو ته هوسڙي پوليس قاتلن سان مليل آهي ۽ جوابدار ڌر کي تڪ جي ايم پي اي جي حمايت حاصل آهي  جنهن جي ڪري هو قانون کان سگهارا ٿي آزاد گهمي رهيا آهن هنن وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو