ڄامشورو(ستار جهتيال) ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ واهه تي ڪپڙا ڌوئيندڙ 9 سالن جي نينگري ڪائنات سولنگي پير ترڪي پوڻ سبب پاڻيءَ ۾ ڪري ٻڏڻ لڳي جنهن کي ڏسي ڪري سندس ماءُ وزيران سولنگي به پاڻي ۾ ٽپو ڏئي کيس بچائڻ چاهيو پر پاڻي اونهو هئڻ سبب نينگري ۽ سندس امڙ ٻئي غوتا کائي ٻڏي ويون. ٻڏي ويل ماءُ ڌيءُ کي مئل حالت مقامي ٽوٻن ٻاهر ڪڍيو ۽ جتان پوءِ تعلقه اسپتال پهچايو ويو. شام ڌاري جڏهن ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ويل ماءُ ڌيءَ لاشن جي صورت ۾ گهر پهچايا ويا ته علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.










