نينگريءَ کي زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ وارو مامرو، جاچ ڪميٽي قائم

نينگريءَ کي زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ وارو مامرو، جاچ ڪميٽي قائم

ملير (ن س) ملير ۾ نينگريءَ کي زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي ڊي ايس پي قائد آباد غلام محمد مهر جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم قائم ڪئي وئي آھي ڪميٽي ۾ ايس ايڇ او قائد آباد اشرف خان، ارشد اعواڻ، ذاڪر الله خان ۽ حفيظ تنولي به شامل آھن ڪميٽي کي قتل جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي ٻه ڏينهن اڳ 8 ورهين جي مُنيبا کي اغوا ڪري زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو