لکي غلام شاھ (نثارمنگي) ڳوٺ مڏکوسا ۾ 14 سالا نينگري صنم کوسو جنهن جو ذهني توازن درست نه آهي جوابدار اختيار کوسو زيادتي ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نينگريءَ جي وارثن کي اطلاع مليو ۽ ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا. زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري کي لکي ٿاڻي تي آندو ويو، جتي زيادتي ڪندڙ جوابدار خلاف اين سي داخل ڪئي وئي. لکي پوليس پاران نينگريءَ جي ميڊيڪل رپورٽ لاءِ تعلقه اسپتال لکي ۾ اماڻيو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي ارشاد ميمڻ نينگريءَ جي ميڊيڪل چيڪ اپ کانپوءِ جزا وٺي روهڙي ليبارٽري اماڻيا. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ ابڙو ٻڌايو ته مان ٿاڻي تي موجود ھيس جڏهن وارث نينگريءَ کي کڻي آيا ان کانپوءِ اسان ميڊيڪل رپورٽ لاءِ ليٽر ڏنوسين جنهن کان پوءِ مان پوليس نفري سميت جوابدار کي گرفتار ڪري کڻي ڪيس داخل ڪيو آهي. ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن نينگري واپس ٿاڻي تي آئي ته هن کي اسان جوابدار جي سامهون آندوسين جتي نينگريءَ جوابدار کي چيو ته هن مون سان زنا ڪئي آهي. ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته نينگريءَ جو ذهني توازن درست نه آهي نينگري ۽ جوابدار هڪ ڳوٺ جا آهن. هوڏانهن گرفتار ٿيل جوابدار اختيار کوسو ٻڌايو ته اسان سان هنن جي دشمني آهي هنن اڳ ۾ به اسان تي اهڙن قسمن جا ڪيس ڪيا آهن منهنجو انهن ئي ماڻهو اڳ ۾ به چاچو مارايو آهي ۽ اسان سان دشمنيون ڪندا ٿا اچن.










