نيشنل پريس ڪلب ۽ آر اي يو جي جي وفد جي عمران خان سان ملاقات

نيشنل پريس ڪلب ۽ آر اي يو جي جي وفد جي عمران خان سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي جي تحريڪ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جو نتيجو ثابت ٿيندي اهل قلم ۽ دانش تي لازم آهي ته ظلم ۽ لاقانونيت جي خلاف ڪنهن مصلحت جو شڪار ٿيڻ بنا آواز بلند ڪري. نيشنل پريس ڪلب ۽ راولپندي اسلام آباد يونين آف جرنسلٽس جي گڏيل وفد عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي ۽ اهل صحافت جي خلاف حڪومتي سطح تي رويي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ جڏهن ته ميڊيا ڪارڪنن جي مسئلن ۽ فلاحي قدمن تي به مفصل ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي سياسي جدوجهد آئين ۽ قانون جي بالادستي سان ڀريل آهي هن چيو ته عدل ۽ انصاف جي قيام ۽ قانون جي حڪمراني کان سوال خوشحال معاشري جي تشڪيل جو تصور ئي محال آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ اشرافيا فقط پنهنجي مفادن لاءِ دستور ۽ قانون جي لتاڙ جي ڪلچر کي هٿي ڏني آهي. عمران خان چيو ته امپورٽيڊ سرڪار کان انساني حقن جي ڀڃڪڙي خاص ڪري ميڊيا تي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل بندش جا مثال ڪنهن آمر جي دور کان آڻڻ به ناممڪن آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته دستور ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي تحريڪ کي ڀرپور نموني سان منطقي انجام تائين پهچائڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون بنا دير صاف شفاف چونڊون موجوده سياسي ۽ معاشي بحران کان نجات جو واحد ذريعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو