هاءِ وي تي ٻه ڌار ڌار حادثا،هڪ فوت 25 زخمي

گمبٽ،ڪوٽڙي ڪبير(ن س،پرويزحسين ڀنڊ)ڪوٽڙي ڪبير لڳ رسول آباد ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي اٽڪ  پيٽرول پمپ جي سامھون هڪ نامعلوم گاڏي جو هڪ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ موٽرساڪل سوار نوجوان سجاد راجپوت ٿڏي تي فوت ٿي ويو هوڏانهن  حادثي جو اطلاع هنڱورجا ٿاڻي تي ڏنو ويو جڏهن ته ھنڱورجا پوليس حادثي واري جاءِ تي  پھچي وئي  فوتي جو لاش ھنڱورجا اسپتال پھچايو ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو پوليس موجب فوتي پنجاب جي علائقي بوري والا جو  رھواسي ھيو هو غريب انسان هيو جيڪو رسول آباد جي ڪاٽن فيڪٽري ۾ مزدور ھيو جيڪو صبح سوير جو مزدوري تي وڃي رھيو ھيو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو آھي.. آخري اطلاع تائين روڊ حادثي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي

گمبٽ قومي شاهراهه تي مانسهره کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، 25 مسافر زخمي ٿي پيا، ڪوچ اسرا پمپ وٽ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خرم شهزاد، گل داد، حسين عباس، حسن خان، بيبي سائره، بيبي شهناز، غازي احمد شاهه، عبدالباسط، بلال، ذيشان، نعيم الله، ڪلثوم خاتون، روبينه خاتون، ذاڪر حسين، شاهه جهان، بختيار الله، الطاف رحمان ۽ ٻيا شامل، زخمين کي موٽروي پوليس کڻي گمبٽ اسپتال پهچايو، مسافرن جو علاج جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو