نيب ۾ پيش نه ٿيندس، ڪنهن ۾ همت آهي ته گرفتار ڪري، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 24 تي نيب طلب ڪيو آهي پر مان پيش نه ٿيندس. اهڙو اعلان هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته حڪومت انتقامي ڪاروايون پئي ڪري، جائز تنقيد برداشت نه پئي ڪري. مان اڳ ۾ نيب وٽ پيش ٿيندو رهيو آهيان، اڳوڻو چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته بلاول بيگناهه آهي پوءِ نوٽيس ڇاجو؟ حڪومت مونکي والده جي ورسي ملهائڻ نٿي ڏئي. هن چيو ته حڪومت نيب ذريعي اپوزيشن جو آواز دٻائڻ گهري ٿي. هن سواليا انداز ۾ پڇيو ته خيبرپخوتونخواه جي ڪنهن وزير کي نيب ڪو نوٽيس ڏنو آهي؟ عمران خان خلاف ڪيس التويٰ ۾ آهن، آمراڻي انداز حڪومت هلائي پئي وڃي، ڪو جرم ثابت ڪرڻ بنا گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن کان سياست جو حق کسيو پيو وڃي، عوام ۽ اپوزيشن کي تنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن جي ڌمڪين کان نه اڳ ڊنا ۽ جهڪيا آهيون نه هاڻي جهڪباسين، مون سان 72 ماڻهو گڏ هجن يا 72 هزار 27 ڊسمر تي هر حال ۾ لياقت باغ وينداسين. هن چيو ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي ۽ سياسي يتيمن جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته ڪنهن ۾ همت آهي ته مونکي گرفتار ڪري ۽ گرفتار بلاول وڌيڪ خطرناڪ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو