نيب ۾ پابندي ختم، نيون مقرريون ۽ بدليون

نيب ۾ پابندي ختم، نيون مقرريون ۽ بدليون

اسلام آباد (بيورو)سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي ختم ڪري ڇڏي. قومي احتساب بيورو نئين مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊي جي نيب سکر مرزا سلطان محمد سليم کي ڊي جي نيب لاهور جڏهن ته ڊي جي نيب لاهور مرزا شهزاد سليم کي ڊي جي اي اينڊ پي ڊويزن نيب هيڊڪوارٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڊي جي نيب آپريشنز ڊويزن نيب هيڊڪوارٽر مسعود عالم خان کي ڊي جي نيب سکر ۽ ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان نعيم منگي کي بدلي ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عرفان نعيم منگي کي ٽريننگ اينڊ ريسرچ ڊويزن نيب هيڊڪوارٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڊي جي نيب بلوچستان فرمان الله کي ڊي جي نيب راولپنڊي جڏهن ته نعمان اسلم کي ڊائريڪٽر جنرل (او پي ايس) نيب بلوچستان مقرر ڪيو ويو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل نئين نوٽيفڪيشن موجب فياض احمد قريشي کي ڊي جي نيب ملتان جڏهن ته جميل احمد کي ڊي جي ايڇ آر ايم نيب هيڊڪوارٽر مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب مرزا محمد عرفان بيگ کي ڊي جي او پي ايس ڊويزن نيب هيڊڪوارٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو