نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، بلاول

اسلام آباد (پ ر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب جو ادارو نه عدالتن کي ٿو مڃي ۽ نه ئي وري پاڪستان جي قانون کي اهڙو اظهار هن پي پي ميڊيا آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن اعجاز جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان جي چوڻ تي پ پ ڪارڪنن ۽ عهديدارن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. نيب ڪاررواين جي پويان حڪومت جي انتقامي سياست جو عمل دخل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دشمن جي به چادر ۽ چارديواري جو تقدس جو خيال ڪيو ويندو آهي پر نيب اپوزيشن سان دشمني سبب سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي. پ پ عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي اهڙن هٿڪنڊن سان نٿو ڊيڄاري سگهجي. پارٽي جو هر ڪارڪن اعجاز جکراڻي سان گڏ بيٺل آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو هڻي اهم ڪاغذ قبضي ۾ ورتا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو