نيب پاران اعجاز جکراڻي سميت 5 جوابدارن تي ريفرنس داخل

نيب پاران اعجاز جکراڻي سميت 5 جوابدارن تي ريفرنس داخل

سکر (امداد ڪلوڙ) نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي. نيب سکر طرفان صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سوڌو 5 جوابدارن خلاف 80 ڪروڙ رُپين جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو ضمني ريفرنس احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين عباس جکراڻي، ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي، ظهير عيساڻي ۽ هڪ عورت کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته اعجاز جکراڻي ايم اين اي ٿيڻ کانپوءِ 150 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، جڏهن ته 500 ملين رُپين جي غيرقانوني طريقي سان بئنڪنگ ٽرانزيڪشن پڻ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو