زرداري گرفتار، اسمبلي ۾ هنگامو، سنڌ ۾ مظاهرا،ڪارڪن پرامن رهن، بلاول

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت قبل از گرفتاري رد ٿيڻ بعد نيب جي ٽيم آصف علي زرداري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب جي گاڏي ۾ ويهڻ کان اڳ زرداري کلندي اڳتي وڌيو، آصفه کيس ڀاڪر پائي الوداع ڪيو. بلاول به ان موقعي تي موجود هو. ڪارن شيشن واري گاڏي ۾ کيس نيب وارا گرفتار ڪري وٺي ويا. گرفتاري کان اڳ وڏي تعداد ۾ پوليس ساڻ ڪري نيب جا اهلڪار زرداري هائوس پهتا. زرداري هائوس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن.

صحافين کي به پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس ۽ صحافين ۾ تلخي ٿي پئي. هوڏانهن قومي اسمبلي ۾ شازيا مري ۽ راجه پرويز اشرف زرداري جي گرفتاري تي احتجاج ڪيو. هنن اسپيڪر تي زور ڀريو ته اسمبلي اجلاس جي ڪاروائي معطل ڪري سابق صدر جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريو. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف به ان جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته خواجا سعد رفيق جا به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريو. وزير داخلا اعجاز شاهه چيو ته حڪومت جو ڪو واسطو ناهي عدالتي حڪم تي نيب زرداري کي گرفتار ڪري رهي آهي. آصف علي زرداري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ هن گرفتاري لاءِ رضا مندي ظاهر ڪئي . زرداري هائوس ۾ ميڊيا کي پوليس داخل نه ٿيڻ ڏنو. بلاول ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن رهن ۽ اسين عدالتن ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪنداسين. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس 7 وڳي سنڌ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي. هوڏانهن قومي اسمبلي ۾ جيئن ئي بلاول پهتو ته هو ڳالهائڻ چاهي پيو ان وقت ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، هن بلاول کي چيو ته شيخ رشيد ٻه منٽ ڳالهائي ان بعد اوهان ڳالهايو. ان تي پيپلز پارٽي جا ايم اين اي سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائيس وٽ شور ڪرڻ لڳا. شور شرابو جاري هو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو. جنهن ۾ بجٽ پيش ٿيندي. هوڏانهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زرداري جي گرفتاري خلاف پي پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

2 تبصرو “زرداري گرفتار، اسمبلي ۾ هنگامو، سنڌ ۾ مظاهرا،ڪارڪن پرامن رهن، بلاول

  1. گڈ آپ کی رپورٹنگ ٹائمنگ قابل تعریف ہے۔۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو