اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيئر سياسي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته کيس ايراني صدر جي حادثاتي موت تي افسوس آهي، هو ايراني صدر جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.ٻئي پاسي شاهد خاقان عباسي نيب ۾ پيش ٿيڻ بابت ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هو 5 سالن کان عدالتن ۾ اچي رهيو آهي، نيب وٽ ثبوت ناهن، هي ادارو ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيو آهي.










