نيب فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

نيب فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيب توشه خانه ڪيس جي جاچ ۾ فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر سميت ٻين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشه خانه جي جاچ ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي پراڻي دوست فرحت شهزادي عرف فرح گوگي ۽ اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر سميت سمورن ڪردارن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته واچ ۽ ٻيا تحفا خريد ڪرڻ جي دعويدار عمر فاروق کي به بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ گهرايو ويندو. جڏهن ته واچ جي مارڪيٽ ويليو ۽ ناڻي ۾ جمع ٿيل رقم جي به ڀيٽ ڪئي ويندي.ذريعن موجب نيب عمران خان خلاف مبينه ڪرپٽ پريڪٽس تي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ توشه خانه سيڪشن مان سمورو رڪارڊ به حاصل ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو