نيب سکر سال 2019 ۾ 10 ارب رپيا هٿ ڪري ورتا

نيب سکر سال 2019 ۾ 10 ارب رپيا هٿ ڪري ورتا

سکر(جيرام داس ) نيب سکر 2019ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته نيب سکر سال 2019ع دوران 10 ارب رپيا هٿ ڪري ورتا  آهن جن ۾ خوراڪ کاتي جي ڊفالٽرز کان 9.694 بلين جي وڏي رقم ۽ ٻين ڪيسن ۾ پلي بارگين ۽ ٻي رڪوري جا 140 ملين رپيا شامل آهن. نيب سکر جي پڌرائي موجب نيب سکر ڪيترن ئي غريب پورهيتن جي شڪايتن تي سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيدبينظير آباد ۾ 5 ارب رپين جي لاڳت سان ٺهرايل 1536 اپارٽمينٽس ۽ 274 گهرن جي الاٽمينٽ نه ٿيڻ تي ورڪر ويلفيئر بورڊ ۽ اِي او بي آءِ اختيارين سان رابطي ۾ اچي حقدار پورهيتن کي فليٽ ۽ گهر حوالي ڪرڻ لاءِ ضابطي جي گهرجون پوريون ڪرايون. پڌرائي موجب بجلي چوري کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سيپڪو اختيارين سان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون ويون ان ڏس ۾ بجلي باقيدارن کان 10 ملين رپين کان وڌيڪ رڪور ڪيا ويا، ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين جي موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ صحت کاتي سان موڊ ڪانفرنسون ڪيون. نيب سکر کي 2019ع دوران 5585 شڪايتون موصول ٿيون، جن مان 28 شڪايتون انڪوائريز ۾ تبديل ڪيون ويون ۽ 105 ڪمپلينٽس ويريفڪيشن لاءِ منظور ٿيون. اهڙي ريت 72 انڪوائريز جي منظوري ۽ 30 کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو، 42 انويسٽيگيشنز منظور ڪيون ويون، جڏهن ته 26 انويسٽيگيشنز ريفرنس ۾ تبديل ڪيون ويون. نيب سکر 2109ع ۾ 18 ريفرنسز احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايا جڏهن ته 46 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو