نيب جو خيرپور جي فوڊ گدامن تي ڇاپو، گدام سيل، انچارج گرفتار

ڪوٽڏيجي(رپورٽ پرويز گوپانگ)ڪنڌ ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ فوڊ جي گدامن تي ڇاپن بعد نيب سکر اڄ خيرپور ۾ ڪڻڪ جي گدامن تي ڇاپو هڻي گدام سيل ڪري ڇڏيا. رڪارد جي چڪاس دوران سوين ٻوريون ڪڻڪ جون غائب آهن. نيب سکر جي ٽيم خيرپور جي 5 گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ آفيس سپرنٽنڊنٽ اڪبر لاشاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب سکر جي ٽيم صبح جي وقت خيرپور ۾ سرڪاري گودامن تي ڇاپو هنيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم جي ڇاپي جو ٻڌي فوڊ ڪنٽرولر وسيم جمالي گُم ٿي ويو ۽ آفيس ئي نه پهتو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گودامن ۾ ڪڻڪ جون ٻوريون گُم ٿيڻ جون شڪايتون ملڻ بعد ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ بورين مان ڪڻڪ ڪڍي ان ۾ مٽي ۽ واري ملائي وئي آهي. هوڏانهن ٽنڊو مستي ۾ به گدام تي ڇاپو لڳو ته عملي وارا ءتيرون ٽپي ڀڄي ويا. گدام انچارج غلام حسين سمنگ تي ڪرپشن جو الزام آهي ۽ 3000 ٻوريو گم آهن

پهنجو تبصرو موڪليو