لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کان پروٽوڪول واپس وٺي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب نيب جو اڳوڻو چيئرمين جاويد اقبال سرڪاري پروٽوڪول استعمال ڪري رهيو هو، کيس 4 پوليس اهلڪار ۽ هڪ سرڪاري گاڏي ڏني وئي هئي.ذريعن موجب جسٽس (ر) جاويد اقبال جي پروٽوڪول تي پوليس لائنز ۾ رپورٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.










