نيب جو فضائيه هائوسنگ اسڪيم آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي فضائي هائوسنگ اسڪيم جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته نيب ڪراچي 29 نومبر تي فضائي هائوسنگ اسڪيم خلاف تحقيقات جو آغاز ڪيو هو. نيب ڪراچي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فضائي هائوسنگ اسڪيم جي متاثرن جي تعداد 6 هزار آهي جنهن اسڪيم ۾ لڳ ڀڳ 13 ارب رپيا لڳايا هئا. تازين اطلاعن مطابق نيب ڪراچي اڄ صبح فضائيه هائوسنگ اسڪيم جي دفتر تي ڇاپو هنيو ان دوران نيب ڪراچي جي ترجمان احمد رضا ڇاپي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته فضائيه هائوسنگ اسڪيم جي متاثرن ۾ مقامي شهري ۽ اوور سيز پاڪستاني به شامل آهن. احمد رضا ٻڌايو ته فضائيه هائوسنگ اسڪيم خلاف ڪيتريون ئي شڪايتن جون درخواستون مليون. تحويل ۾ ورتل رڪارڊ ۽ شڪايتن متعلق سوال تي هن تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته تفصيلون جلد شيئر ڪنداسين. ان کان علاوهه خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته نيب تعميراتي ڪمپني ميڪسم گروپ جي آفيس تي به ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي پر نيب ترجمان احمد رضا ڄاڻايل ڇاپي متعلق لاعلمي جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڪجهه هفتا اڳ ڪراچي ۾ فضائيه هائوسنگ اسڪيم جي مرڪزي آفيس ٻاهران درجنين ماڻهو احتجاج به ڪيو ۽ پنهنجي رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو هو. ان جو چوڻ هو ته 4 سالن کان انهن سان دوکو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي پلاٽ ڏنا پيا وڃن نه ئي رقم واپس ڏني پئي وڃي. احتجاج باوجود فضائيه هائوسنگ سوسائٽي جي انتظاميه رقم جي واپسي جو وقت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ياد رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ ايوي ايشن ڊويزن جي هڪ آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته پاڪستان ايئرفورس نيشنل سيڪيورٽي جي نالي تي زمين کي هائوسنگ اسڪيم ۾ منتقل ڪري ڇڏيو هو جنهن سان قومي خزاني کي 1.92 ارب جو نقصان ٿيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته آڊٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي (جي ايم والٽن ايرو ڊوم لاهور) والٽن ڊوم تي 19.21 ايڪڙ جي سول ايوي ايشن جي زمين پي اي ايف خالي نه ڪري سگهيون پر 07-2006 ۾ نيشنل سيڪيورٽي ۽ ريڊار لڳائڻ جي نالي تي زبردستي قبضو ڪيو ويو. ان زمين کي پاڪ فليڪن سوسائٽي جي ڪارڪنن کي وڪڻي ڏني وئي هئي جنهن لاءِ هر ميمبر زمين ۽ ترقياتي ڪمن جي رقم جي ادائيگي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سول ايوي ايشن جي زمين تي غير منصفاڻو ۽ ناجائز قبضو ڪيو ويو جنهن جي ماليت 1.921 ارب رپيا بڻجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو