اسلام آباد: (بيورو) وفاقي سرڪار نيب ترميم خلاف عمران خان جي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪندي شروعاتي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.وفاقي سرڪار طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل شروعاتي جواب ۾ حڪومتي درخواست جو ٻڌڻ جوڳو هجڻ تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته عمران خان پاڻ پنهنجي حڪومت ۾ آرڊيننس ذريعي اهڙي ترميم ڪندو رهيو، هو متاثر ڌر نه آهي نه ئي درخواست نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي.حڪومتي جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اهو چئي چڪي آهي ته سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، عمران خان نيب ترميم کي اسلامي بنيادن تي چئلينج ڪيو ويو آهي. ترميم خلاف شريعت قرار ڏيڻ جو اختيار شريعت ڪورٽ جو آهي ۽ عمومي نوعيت جي الزامن تي نيب ترميم کي ڪالعدم قرار نٿو ڏئي سگهجي. حڪومت موقف ڏنو ته نيب پنهنجي شروعاتي ڏينهن کان ئي سمورن تڪرارن جو بنيادي سبب آهي. نيب حڪومتي مشينري کي مفلوج، معيشت کي بدحال ۽ سرمائيڪارين کي هراسان ڪيو ۽ نيب جي قانون ۾ سموريون ترميمون عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ڪيون ويون آهن. داخل ڪيل جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عمران خان سميت ان جي پارٽي پارليامينٽ ۾ نيب ترميم جي مخالفت ناهي ڪئي ۽ ان جي درخواست ۾ عوامي اهميت قانوني ناهي پر سياسي معاملو اٿاريو ويو آهي. عمران خان جي درخواست ۾ صاف ظاهر ناهي ته ترميم بنيادي حقن کان ڪهڙي طرح تڪراري آهي. عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقت اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جو اختيار صدر کان وٺي حڪومت جي حوالي ڪيو ويو. هن چيو ته ان جو مقصد نيب چيئرمين تي اثر انداز ٿيڻ آهي.تازي ترميم سان وائٽ ڪالر ڪرائمز کي ثابت ڪرڻ ناممڪن بڻايو ويو ۽ ان سان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جا جوابدار بري ٿي ويندا. هن اهو به چيو ته بي ناميدار جي تعريف تبديل ڪري ان جوابدارن کي فائدو پهچايو ويو جيڪي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن. عمران خان نيب ترميم ذريعي مخصوص ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جو الزام لڳايو ۽ ان کي بنيادي حقن کان تڪراري قرار ڏيندي ڪالعدم ڪرڻ جي استدعا ڪئي.










