اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي گرفتار ڪري ورتو،چيئرمين نيب طرفان استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن بعد نيب کيس گرفتار ڪري ورتو آهي.وارنٽ جي متن موجب فواد چوڌري کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نيب کيس اڊيالا جيل مان حراست ۾ ورتو آهي، نيب اختيارين کيس عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي درخواست ڪندا.










