نيب، ايبڊو ۽ پروڊو جي سياسي انجنيئرنگ جو تسلسل آهي، بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوام جي حقيقي نمائندن کا خوفزده قوتون 72 سالن کا سياسي انجينيئرنگ ۾ مصروف آهن، سياسي انجنيئرنگ سياستدانن کي بدنام ڪرڻ ۽ نشانو بنائڻ کان شروع ٿي آمريت تي ختم ٿئي ٿي. اهڙو اظهار پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ماضي ۾ ايبڊو ۽ پروڊو به ان سلسي جي ڪڙي هئا ۽ هاڻي نيب ان جو تسلسل آهي. هن چيو ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙن الزامن ۾ قيد ڪرڻ جي مذمت ڪريان ٿو. پي پي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته بيورو ڪريسي اڳ ۾ ئي نيب کان خوفزده آهي ۽ ڪم نه پئي ڪري، هاڻي بلدياتي نمائندن کي نشانو بنايو پيو وڃي. هن جيڪب آباد ميونسپل جي چيئرمين غلام عباس جکراڻي جي گرفتاري بابت چيو ته اها انتقامي ڪاروائي آهي. نيب اسانجي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نشانو بنائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو