نياڻي جي تذليل ڪندڙ پوليس ۽ فوجي اهلڪارن خلاف احتجاج

جوهي(منصور گاڏهي) سياسي، مذهبي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران  ڦلجي اسٽيشن جي رهواسڻ حميرا پنهور جي تذليل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. سياسي سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن بلاول پنهور امين وگهيو خليل عارف سومرو مصطفي لاشاري شينهن رند ميهر گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيل مظاهري بعد صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪجھ ڏينهن پهريان ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ ٻڍو خان پنهور جي رهواسڻ مئٽرڪ جي شاگردياڻي حميرا پنهور واھ تي ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته ڪجھ بااثر جوابدارن بخشل پنهور اويس پنهور نديم پنهور سومر پنهور ۽ پپو پنهور  نياڻي جا زبردستي ڪپڙا لاهي  تذليل ڪئي. جوابدارن جو تعلق پوليس ۽ فوج ۾ ملازم هجڻ ڪري پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي اڳواڻن آءِ جي سنڌ ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي کي اپيل ڪندي چيو آهي ته پنهنجي ملازمن خلاف ڪاروائي ڪري نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو