اسلام آباد(بيورو)سيڪريٽري جنرل پيپلز پارٽي سيد نيئر بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عورت جج کي ڌمڪيون ڏي پيو، سيڪريٽري جنرل پيپلز پارٽي جو مطالبو ڪيو ته عمران خان خلاف نوٽيس ورتو وڃي،اسرائيل ۽ ڀارت جي پرڏيهي فنڊنگ سان ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خدشو، عمران خان کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، مودي جو يار جيڪو قومي سلامتي رياستي ادارن جو مذاق اڏائي ٿو اهو محب وطن ناهي ٿي سگهي،ملڪ دشمن شهرين جي فنڊن تي هلندڙ پارٽي جو بدنام چهرو ۽ مجرماڻو ڪردار سامهون اچي ويو آهي،مديني جي رياست جو دعويدار قومي مجرم جو مددگار ثابت ٿيو،روڊن تي يڪجهتي جو اظهار پاڪستان فوج ورهائڻ ۽ بغاوت کي ڀڙڪائڻ جي مجرم لاءِ خطرناڪ ايجنڊا آهي










