ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي ذاتي دلچسپي، سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسد الله خان جي خاص هدايتن تي ايڇ آر ڊي ڊپارٽمينٽ واٽر بورڊ پاران نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي نياڻين، پٽن ۽ بيواهن کي ھڪ کان يارھين گريڊ تائين سندن تعليمي قابليت مطابق مستقل بنيادن تي آفر آرڊر جاري ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ تقريب چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جا خاص مهمان وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر واٽر بورڊ انجنيئر اسد الله خان هئا، تقريب جي موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم چيو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي ذاتي دلچسپي، سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي اي او واٽر بورڊ جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي وارثن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ آئون وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جو شڪر گذار آهيان جنهن سنڌ حڪومت کان منظوري وٺڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ھن چيو تہ الحمدالله واٽر بورڊ جي ملازمن اڄ اھم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ڇو تہ واٽر بورڊ انتظاميا نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي ٻارن کي شفاف طريقي سان مستقل روزگار ڏيڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، هن جو چوڻ هو تہ ان سڄي عمل ۾ ڊي ايم ڊي ايچ آر ڊي شعيب تغلق جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ھن چيو تہ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي واري وزير سيد ناصر حسين جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ کي هڪ مثالي ادارو بڻايو ويندو، هن جو چوڻ هو تہ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان نون ملازمن کي تربيت ڏني ويندي، سي اي او واٽر بورڊ نون ملازمن مخاطب ٿيندي چيو تہ اوهان سڀني کي محنت ڪرڻي پوندي ڇو تہ اوهان جو مستقبل واٽر بورڊ آهي، تقريب جي موقعي تي سي او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان خطاب ڪندي چيو تہ انشاءالله مستقبل ۾ بہ واٽر بورڊ ملازمن جي فلاح ۽ بهبود سميت ٻين منصوبن کي جلد پورو ڪيو ويندو، ٻئي طرف ملازمت جا آرڊرز ڏيڻ تي انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ جي صدر نديم احمد ڪرماڻي، جنرل سيڪريٽري شعيب تغلق، فنانس سيڪريٽري محمد ثاقب سميت سمورين ٽريڊ يونينز ۽ واٽر بورڊ جي ٻين ملازمن پاران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين، سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ جا ٿورا مڃيا، تقريب ۾ ڊي ايم ڊي آر آر جي محمد ثاقب، ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي شعيب تغلق، ايس او ٽو وي سي نديم احمد ڪرماڻي، پي ايس ٽو وي سي آغا سعيد، ايس او ٽو سي اي او سيد سردار شاھ، ڊائريڪٽر پرسنل محمد امين تغلق، ڊائريڪٽر ايڊمن ساجد نظام سميت ٻيا موجود هئا.










