بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)با اثرشخص خدابخش ملاح پاڻ کي وزير اعلي سنڌ جو پروٽو ڪول آفيسر ظاهر ڪري بدين ضلع جي ٻه سئو کان وڌيڪ نوجوانن کان ٽي لک کان 15 لک روپيا وٺي سنڌ جي مختلف سرڪاي کاتن ۾ کين هڪ کان 14 گريڊ تائين جي نوڪرين جا جعلي آرڊر ڏنا آھن بلڪ سنڌ سيڪريٽريٽ سميت روينيو صحت ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن تعليم ۽ آبپاشي کاتن ۾ ويٺل سندس سهولت ڪار سرڪاري عملدارن جي ملي ڀڳت سان انهن نوجوانن کي ڊيو ٽي جوائن به ڪرائي ۽ انهن کي چيو ويو ته هڪ مهيني جي اندر توهان کي پوسٽنگ آرڊر ملي ويندا ۽ اهي نوجوان مهينو انتظار ڪرڻ کانپوء لاڳاپيل کاتن ۾ پوسٽنگ آرڊرن لاء ويا ته هنن کي خبر پئي ته هي نوڪرين جا آرڊر جعلي آھن هن جعلي پرو ٽو ڪول آفيسر خدابخش ملاح ايڪسائز ٽيڪسيشن کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري بدين جي هڪ نوجوان عاطف ميمڻ ۽ سندس ماسات کي سوڪ سينٽر ڪراچي واري آفيس ۾ ڊيوٽي ڪرائي ۽ ٻن مهينن تائين انهن جي اڪائونٽ ۾ پگهارن جي رقم به موڪليندو رهيو ٻن مهينن کانپوء پگهاتون بند ٿيڻ کانپوء هنن ايڪسائز کات جي آفيسرن وٽ پگهار ن ملڻ جي شڪايت ڪئي جنهن تي معلوم ٿيو ته هنن جا آرڊر جعلي آھن هنن کي اٺ اٺ لک روپين جي عيوض ڪلارڪي جا جعلي آرڊر ڏنا ويا هئا ڊسٽرڪٽ جيل بدين جي ملازمن افضل ڪشميري ۽ امير حسن ملاح ٻڌايو ته اان پنهنجن ٻن ڀائرن جي نوڪرين لاء خدابخش ملاح کي 17 لک روپيا ڏنا ۽ هن ان کي هڪ آرڊر داروغو جو ۽ صحت کاتي ۾ ليب اسسٽنٽ جا ڏنا ۽ هن ڊي جي هيلٿ ڪراچي جي آفيس ۾ ۽ سينئر ميمبر بورڊآف روينيو حيدر آباد جي آفيس۾ اسان جي ڀائرن کي جوائنگ ڪرائي هنن کي چيو ويو ته هڪ مهيني ۾ توهان کي پوسٽنگ آرڊر ملي ويندا جنهن کانپوء ويهن نوجوانن کان اندازن هڪ ڪروڙ 65 لک روپيا نوڪرين لاء خدابخش ملاح ک وٺي ڏنا ۽ هن انهن کي به مختلف کاتن ۾ نوڪرين جا آفر آرڊر به ڏنا جيڪي به جعلي نڪتا آھن هنن ٻڌايو ته اسان خدابخش ملاح جي ڳوٺ وياسين جتي هن جي پٽن الٽو اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪو ڪرڻو اٿئو وڃي ڪريو آئندا اسان جي ڳوٺ نه اچجو امير حسن ملاح ٻڌايو ته مون سيشن ڪورٽ بدين ۾ خدابخش ملاح ۽ هن جي پٽن ۽ هڪ ڀاڻيجي جي خلاف درخواست ڏني ۽ سيشن ڪورٽ جي حڪم تي بدين ٿاڻي تي خدابخش ملاح ۽ سندس پٽن تي ڪيسداخل ڪرايو جنهن تي هنن عاضي ضمانت ڪرائي ۽ گذريل هفتي پڪي ضمانت لاء خدابخش ملاح ۽ سندس پٽ ڪورٽ تي آيا جج هنن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي پر بدين پوليس خدابخش ملاح کي گرفتار ڪرڻ جي بجاء هن کي ڪورٽ مان ڀڄائي ڇڏيو هنن ٻڌايو ته خدابخش ملاح کي بدين جي با اثر ڌرين جي آشير واڌ حاصل آھي جنهنڪري هنج خلاف ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي آھي ته خدابخش ملاح ۽ هن سان شاملن جي خلاف ڪاروائي ڪري کين سندن رقمون واپس ڪرايون وڃن










