نون آيل متاثرن کي رجسٽرڊ ڪري راشن ڏنو وڃي، مڇرمار اسپري به ڪرايو وڃي: سول جج

نون آيل متاثرن کي رجسٽرڊ ڪري راشن ڏنو وڃي، مڇرمار اسپري به ڪرايو وڃي: سول جج

شڪارپور (ن سنڌيار) ففٿ سول جج شڪارپور ء سٽيزن ڪميٽي جو سربراھ عبدالحفيظ چاچڙ جو بينظير ٽائون ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، ائڊمنسٽريٽر ميونسپل ٽينٽ سٽي ۾ لائيٽون لڳرائي، ضلع انتظاميه متاثرن جي پاڻ سروي ڪري جيڪو متاثر گھر وڃڻ چاھي ان کي اجازت آھي .سول جج. نون آيل متاثرن کي رجسٽرڊ ڪري راشن ڏنو وڃي ء مڇرمار اسپري به ڪرايو وڃي. سول جج تفصيل موجب ففٿ سول جج شڪارپور ء سٽيزن ڪميٽي سربراھ عبدالحفيظ چاچڙ بينظير ٽائون ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو . دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آصف رضا چانڊيو ء مختيارڪار شڪارپور عبدالرحمان کوسو پڻ موجود ھئا. ٻوڏ متاثرن دانھيندي چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ اونداھ آھي ٽرانسفارمر لڳل آھي لائيٽون لڳرايون وڃن ، راشن ڏنو وڃي ء مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي. سول جج عبدالحفيظ چاچڙ ، ڪميٽي ميمبر ائڊمنسٽريٽر ميونسپل کي ھدايت ڪئي ته ٽينٽ سٽي ۾ لائيٽنگ لڳرائي وڃي. ھن چيو ته نون آيل ٻوڏ متاثرن کي رجسٽرڊ ڪري راشن ڏنو وڃي ء شام جو مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي. ھن چيو ته انتظاميه پاڻ سروي ڪري جنھن جو گھر برساتي پاڻي کان آجو ھجي ، پنھنجي مرضي سان گھرن ڏانھن وڃي سگھي ٿو. سول جج وڌيڪ بيمار مريضن کي سول اسپتال منتقل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ء ميڊيڪل ڪيمپ جو معائنو پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو