ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نومبر ۾ سنڌ روينيو بورڊ جي اوڳاڙي ۾ 23 سيڪڙو واڌ کي خوش آئند قرار ڏيندي روينيو کاتي کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. جمعي ڏينهن سنڌ بورڊ روينيو پاران وڏي وزير کي ڏنل رپورٽ موجب SRB نومبر 2022ع تائين 13.50 ارب رپيا اوڳاڙي ڪيا آهن جڏهن ته نومبر 2021ع ۾ 11.01 ارب رپيا اوڳاڙيا ويا اهڙي ريت اوڳاڙي جي شرح ۾ 23 سيڪڙو واڌ ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ ايس آر بي 62.74 ارب رپيا گڏ ڪيا جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ 51.26 ارب اوڳاڙيا ويا هئا اهڙي ريت سنڌ روينيو بورڊ جي آمدني ۾ هلندڙ سال 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سبب سست معيشت هوندي به نومبر ۾ ٽيڪس ۾ 23 سيڪڙو اضافو خوش آئند آهي ۽ هن ان ڪاميابي تي ايس آر بي جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ نمايان اوڳاڙي تي ايس آر بي آفيسرن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.










