نوشهروفيروز ۾ 50 اجتماعي جوڙن جي شادي ڪئي وئي

نوشھرو فيروز (ن س)سماج مان غربت ۽ گهڻي ڏاج ڏيڻ جهڙين فضول رسمن جي خاتمي،مذھبي رواداري ۽ سادگيء جي فروغ لاء ولادت باسعادت اميرالمومنين امام علي عليه السلام جي موقعي تي سجاديه ٽرسٽ ڪينيڊا طرفان 50 غريب ۽ مستحق جوڙن جي اجتماعي شاديء جي تقريب ڄام شادي هال مٺياڻيء ضلع نوشھروفيروز ۾ منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي سمورن تعلقن مان مستحق جوڙن جي چونڊ ڪئي وئي هن تقريب جا سمورا انتظامات اصغريه پاڪستان جي ذمي هئا جڏهن ته اصغريه پاڪستان جي چيئرمين لطف علي مهدي خصوصي شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن محمد يوسف حسيني، سيد علي نقي ڪاظمي، سيد اظھارالحسن ڪاظمي اعجاز ممنائي حامد علي حسيني، مهدي رضا ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مولا علي عليه السلام جي آمد جھڙي خوشيء جي موقعي تي اجتماعي شادين جي تقريب منعقد ڪرڻ غريب ۽ مستحق ماڻھن جي خوشين ۾ اضافو ڪرڻ آھي. موجوده سيلاب سبب ماروئڙا ڪيترن ئي تڪليفن کي منھن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آھن. انڪري ماروئڙن جي پريشاني دور ڪرڻ اسان جو اولين فرض آھي۔تقريب ۾ معزز شھرين ، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين سميت گھوٽن ۽ ڪنوارن جي والدين ۽ مذھبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجتماعي شادين واري تقريب ۾ آيل معززين کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايا ويا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو