نوشهروفيروز مان چورايل ڊاٽسن مبارڪپور مان برآمد

ڪراٺو(رپورٽ حضرت گل) روپهر ويجھو نوان جتوئي مورو مان محمد ڪامل جروار جي 5 ڏينهن اڳ چوري ٿيل ڊاٽسن ٽائر پنڪچرٿيڻ ڪري جوابدار ڇڏي فرار ٿي ويا. اطلاع تي مبارڪپورپوليس پهچي ڊاٽسن تحويل ۾ وٺي ڇڏي. مبارڪپور پوليس پاران مقابلي ۾ گاڏي برآمد ڪرائڻ جي دعويٰ، چوري ٿيل ڊاٽس جا مالڪ به ٿاڻي تي پهچي ويا. ڊاٽسن جي مالڪ محمد ڪامل جروار جي پٽ عمران علي جروار ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته 5 ڏينهن پهرين رات جو اسان جي گاڏي چور ڪاهي ويا. اسين علائقي ۾ قرآن پاڪ گهمايو سين اسين مسڪين قسطن تي ورتي آھي، اڃان قسطون به رهيل آھن.  قرآن پاڪ جي ڀلائي سبب اطلاح مليو ته توهان جي گاڏي مبارڪپور پوليس جي تحويل ۾ آھي 6 ڪلاڪ گذرڻ باوجود گاڏي ناهي ملي، پوليس جو چوڻ آھي ته قانوني تقاضا پوري ڪرڻ کان پوء مالڪن حوالي ڪيئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو