ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم نوري آباد پاور پلانٽ ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن جو راهداري رمانڊ وٺي کين وڌيڪ جاچ لاءِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. گرفتار ٿيلن ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو چيئرمين خورشيد جمالي، سيد محمد آصف ۽ سيد محمد عارف شامل آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف 16 ڪيسن جي جاچ ڪندڙ نيب جي ٽيم جو چوڻ آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ هيٺ 13 ارب روپين جي لاڳت سان گيس تي هلندڙ 100 ميگا واٽ بجلي ٺاهيندڙ نوري آباد پاور پلانٽ ۾ ڪرپشن ٿي آهي. هن پلانٽ جا 49 سيڪڙو شيئر سنڌ جا آهن. نوري آباد کا ڪراچي تائين 132 ڪي وي ڊبل سرڪٽ ٽرانسميشن لائن وڇائڻ تي هڪ ارب پنجانوي ڪروڙ روپيا خرچ آيو هو. ان وقت ڪمپني جو ڊائريڪٽر جمالي هو. هن پلانٽ لڳائڻ جو مقصد سنڌ لاءِ سستي بجلي حاصل ڪرن ڄاڻايو ويو هو، ان وقت پاڻي تي ٺهندڙ بجلي سنڌ کي 15 روپيا في يونٽ ملي پئي ۽ هن پلانٽ مان 10 روپين کان به گهٽ في يونٽ بجلي ملڻي هئي. ڪمپني هلندڙ سال 6 ارب 62 ڪروڙ روپيا ڪمائي ڄاڻائي هئي. نيب جي ذريعن الزامن جو تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا