نوجوان گم، وارثن پاران ڳولا ۾ مدد جي اپيل

نوجوان گم، وارثن پاران ڳولا ۾ مدد جي اپيل

مدئجي (رپورٽر) ڳوٺ ڳاهيجا جو نوجوان 19 سالا رهواسي ذوالفقار علي ابڙو ولد تڳيل ابڙو گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي گهر ڇڏي هليو ويو،جنهن بعد سندس جي ڀاء ۽ ڳوٺاڻا عوامي پريس ڪلب مدئجي پهچي سرڪاري طور تي ڳولها ڪرڻ جي اپيل ڪئي،ان موقعي تي اپيل ڪندڙن چيو ته ٻه ڏينهن پهريان 19 سالا نوجوان ذوالفقار ابڙو گهرون اڻبڻت تان ڪاوڙجي گهر ڇڏي هليو ويو آھي ۽ آسپاس جي مٽن مائٽن توڙي مختلف شهرن مان ٻن ڏينهن کان مسلسل ڳولا ڪري رهيا آھيون جيڪو هٿ نه پيو اچي،هنن چيو ته اسان کي ڊپ آهي ته نوجوان ڪٿي خودڪشي نه ڪري، هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي سي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ڪرڻ ۾ سرڪاري طور تي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو