صوڀوديرو (مظهر نعمت علي منڱڻيجو) ڳوٺ نبي بخش ھيسباڻي جو رھواسي خادم حسين هيسباڻي گذريل ڪيتري عرصي کان ھڏن جي موذي مرض سبب سندس گهر ۾ هڪ کٽ تي بيوس ۽ لاچار بڻيل آهي. هن موذي مرض جي بيماري جي ماريل خادم حسين ھيسباڻي جي امڙ ميڊيا کي روئيندي ٻڌايو ته پٽ جو مختلف اسپتالن مان علاج به ڪرايو آهي پر غربت سبب وڌيڪ علاج نٿا ڪرائي سگهون. ھڏن جي بيماري ۾ مبتلا پنهنجي جگر جي ٽڪري لاءِ علاج خاطر گهر جو الھ تلھ وڪڻي ڇڏيو آهي پر ڪٿان به فائدو نه پئجي سگهيو آهي غربت جي ڪري وڌيڪ علاج نٿا ڪرائي سگهون. هن وقت گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ ناهي فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اسان جي غريبي حال تي رحم ڪري اسان جي ٻچڙي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي..










