نوجوان جي پراسرار موت جي اڻ ڌري جاچ ڪرايو، پوليس خون لوڙهي پئي

کپرو(رپورٽ خادم  سروري) پوليس نوجوان جو خون خودڪشي قرارڏئي لوڙهڻ چاهي ٿي، پوليس کي گهرجي ته ٽيڪنالوجي جي مدد سان نئيز سر جاچ ڪري قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائي. اهڙو اظهار سروري جماعت جي مقامي اڳواڻن محمد يوسف هنڱورجو، سيد انعام علي شاھ، صادق لغاري، مير محمد وساڻ ۽ ٻين سانگهڙ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊو آدم ۾ پرسرار نموني فوت ٿيل سيد امير حيدر شاه جي قتل جي منصفاڻي تحقيق ڪئي وڃي. هنن چيو ته ٽنڊو مٺا خان جي سيد برداري سان ڏکوئيندڙ واقعي جي هو مذمت ڪن ٿا ۽ اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪن ٿا. هنن چيو ته ٽنڊو آدم پوليس نوجوان سيد امير حيدر شاھ جو خون لوڙهڻ لاء خودڪشي جو ڊرامو بند ڪري، ٻئي صورت ۾ سروري جماعت احتجاج جو رستو اختيار ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو